الف- بي

الف- بي: عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين جي ’حروف تهجيءَ‘ جو نظام، جنهن ۾ ’الف‘ کان وٺي ’ي‘ تائين آوازن لاءِ سمورن اکرن جون مقرر شڪليون شامل هجن. مثلاً سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ هن وقت تائين لکت ۾ 52 آوازن جون تحريري صورتون ٺاهيون ويون آهن، جن مان ڪن جا آواز خالص عربي هئڻ ڪري اچاريا نٿا وڃن ۽ انهيءَ سڄي نظام جو رسم الخط موجود آهي. (ڏسو: آئيويٽا).


لفظ الف- بيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو